اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون، ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، س??ي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 80 فوتگيون ٿيون جنهن مان 44 فوتگيون وينٽيليٽرز تي مو??ود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اي??ڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مو??ب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2615 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 80 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 68 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 12 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن ??ڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 44 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن ??ڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن ب??ترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، پشاور ۾ 58 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 37 هزار 206 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 372، پنجاب ۾ 14 هزار 622، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 488، اسلام آباد ۾ 5 هزار 403، بلوچستان ۾ 428، گلگت بلتستان ۾ 412، آزاد ڪشمير ۾ 481 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 7 هزار 405 ٿي چڪو آهي.