گلگت – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پي ڊي ايم جا اڳواڻ پنهنجي چوري بچائڻ جي لاءِ جلسا ڪري رهي?? آهن، اهي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ ڪڏهن جيلن ۾ وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ٻاهرئين ملڪ ڀڄي وڃن ٿا، انهن جي اولادن کي به ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي، عوامي نمائندا پئسو ڪمائڻ بدران ??وام جي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻائين ۽ گلگت بلتستان ??ي عوام جون زندگيون بدلائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ صلاحيتون استعمال ۾ آڻين ۽ گورننس جو ا??ليٰ معيار قائم ڪن، صحت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جو دائرو گلگت بلتستان ??ائين وڌايو ويندو، سياحت جي فروغ جي لاءِ سستا قرض ڏنا ويندا، هائيڊرو اليڪٽرڪ سان ??صوصي اقتصادي زون بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو ا??هار هن گلگت بلتستان ??ي نئين چونڊيل ڪابينا جي ??لف برادري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.